Random Video

Sindh Chief Minister Syed Qaim Ali Shah chair meeting on water issue in Karachi

2016-07-20 10 Dailymotion

هينڊ آئوٽ
ڪراچي (20 جولاءِ 2016): سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي شهر ۾ پاڻيءَ جي بحران ۽ صنعتڪارن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ٻين مسئلن سان گڏ پاڻي جي ڪٽيل ڪنيڪشنن بابت مسئلن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ صنعتڪار سراج قاسم تيلي، زبير موتي والا، يونس بشير لاکاني، جنيد مکنڊا، جاويد بواني، وڏي وزير جو خاص معاون وقار مهدي، پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ايم ڊي واٽر بورڊ مصباح الدين فريد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير صنعتڪارن کي پيش ايندڙ مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ سندس سمورا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڄاڻايل ڪميٽي زمين اندر بور جو سروي، ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ان سموري نظام ۾ واٽر بورڊ جو پاڻي شامل نه هجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته پاڻي وارو بور واٽر بورڊ جي لائنن مان گهٽ ۾ گهٽ 200 فٽ فاصلي تي هو ۽ سمورن صنعتن کي فراهم ڪيل پاڻي جو رڪارڊ به رکيو ويندو. هن چيو ته سائيٽ ايسوسيئيشن ان ڳالهه جي ضمانت ڏني آهي ته انهن جي حاصل ڪيل پاڻي ۾ واٽر بورڊ جو پاڻي شامل نه آهي. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته جيڪڏهن ان نظام ۾ واٽر بورڊ جي لائنن جو پاڻي موجود هوندو ته نئين قانون تحت سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل ڪميٽي ان ڳالهه جو تعين ڪندي ته بور مان نڪرندڙ پاڻيءَ جو ٽي ڊي ايس، سي او ڊي ۽ بي او ڊي مان ڪيميائي تجريو ڪرايو ويندو. ان کانسواءِ زمين هيٺ پاڻي حڪومت پاڪستان جي ملڪيت آهي، انڪري ڪميٽي ان ڳالهه جو به يقين ڪرائيندي ۽ واٽر بورڊ کي ان مد ۾ ڪيتري رقم ڏني ويندي ۽ صوبائي حڪومت کي شيئر جو فيصلو به ڪميٽي جي ذميواري ٿيندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته زمين هيٺ پاڻي جا سمورا کوهه سنڌ حڪومت مان باقائده رجسٽريشن ڪرائيندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته حڪومت صنعتڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي صنعتڪارن تجويز ڏني ته ايس ٿري منصوبي سان سيوريج جو 50 ملين گيلن روزانو پاڻي ٽريٽ ڪري صنعتن کي ڏنو ويندو. هن چيو ته صنعتڪار ملڪ ۽ صوبي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهن ٿا. ان کانسواءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ پنهنجيون سموريون تجويزون سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪرڻ جي به پابند هوندي.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ
Chief Minister House, Sindh
https://twitter.com/SindhCMHouse
www.facebook.com/SindhCMHouse
www.dailymotion.com/SindhCMHouse